ابواسحاق ابراهيم سنڌي موصلي

ابواسحاق ابراهيم سنڌي موصلي: ابواسحاق ابراهيم بن نصر بن عسڪر، فقه شافعيءَ جو، سلامه شهر (موصل علائقي) جو قاضي هو. هيءُ نسلي طرح سنڌي هو. پنهنجي وقت جو عالم ۽ هڪ ڪامل درويش ٿي گذريو آهي. سندس وڏا عباسي دؤر ۾ سنڌ مان بغداد لڏي ويا ۽ سنڌي عالمن جي نالي سان ئي سندن سڃاڻپ قائم رهي. هن بغداد جي نظاميه ڪاليج ۾ تعليم ورتي ۽ ان کان پوءِ سرڪاري طرح سلامه شهر جو قاضي مقرر ٿيو. هيءُ هڪ وڏو شاعر، عالم ۽ بزرگ هو. 3 ربيع الثاني 610هه/1213ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو